رقم ادائيگي ڪيس ۾ ٽرمپ سزا کان بچي ويو، ڏوهه برقرار

نيو يارڪ (م ڊ) نئون چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وات بند رکڻ لاءِ رقم ادا ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ باوجود سزا  کان بچي ويو. فوجداري عدالت ۾ ٽرمپ کي سزا ٻڌائڻ لاءِ ٻڌڻي ٿي. جج چيو ته ٽرمپ کي جيل ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي مٿس ڪو ڏنڊ هوندو. صدر کي غير مشڙوط طور تي ڪيس مان ڊسچارج ڪيو ويو. فيصلي کانپوءِ ٽرمپ تاريخ جو پهريون صدر هوندو جيڪو ڏوهي رڪارڊ سان صدارت جو عهدو سنڀاليندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.