حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي ڪانفرنسون ۽ سجاڳي مچ ڪچهريون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو. تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ عبدالرحمان سمون پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌين، سرائيڪين، ۽ بلوچن لاءِ قاتل زهر آهي. هنن چيو ته سنڌين ۽ سرائيڪين کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪري زمينون غير ملڪي ڪمپنين کي ڏيڻ سان انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. عالمي ۽ ملڪي قانونن موجب زمينن تي پهريون حق مقامي ماڻهن جو آهي، ۽ سرڪار کي قومن جون زمينون نيلام ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي. سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتي ۽ درياهه جي وڪري کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو.