شهريار شر حملو ڪيس: ايس ايڇ او شڪور لاکو ۽ احمد سيلرو جا نالا خارج

ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: خالد وسير) اڳوڻي ايم پي اي شھريار خان شر مٿان حملي ۽ سندس ساٿي علي محمد شر قتل ڪيس جي ٻڌڻي ميرپورماٿيلو جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي ٻڌڻي دوران ڪيس جو جاچ آفيسر علي احمدهاليپوٽو، ڌرين جا وڪيل ۽ جوابدار احمد خان سيلرو ۽ ايس ايڇ او شڪور لاکو عدالت ۾ پيش ٿيا، ڪيس جي جاچ آفيسر ڪيس جو حتمي چالان عدالت ۾ پيش ڪندي جوابدار احمد خان سيلرو ۽ ايس ايڇ او شڪور لاکو خلاف حملي ۾ ملوث هجڻ جون ثابتيون نه ملڻ تي ٻنهي جوابدارن جا نالا ڪيس مان ڪالم 2 ذريعي ڪڍي ڇڏيا، فريادي ڌر جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت پوليس جاچ رپورٽ رد ڪندي جوابدار احمد خان سيلرو ۽ ايس ايڇ او شڪور لاکو جا نالا ڪيس ۾ جوابدار طور شامل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 22 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي هوڏانهن ڪيس جي ٻڌڻي دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.