ڪراچي(م ڊ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪراچي ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي ڊجيٽل ڦرلٽ تي اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي ڊجيٽل ڪرنسي جي هڙپ ٿيڻ ۽ شهرين جي اغوا بابت رپورٽ تيار ڪندي، ڪميٽي ڊي ايس پي راجا عمر خطاب ۽ راجا فرخ جي ڪردار جي جاچ ڪندي جڏهن ته سي ٽي ڊي پوليس جي پارٽي ڇاپن جا تفصيل حاصل ڪندي، بعد ۾ جاچ ڪميٽي حتمي رپورٽ تيار ڪري آءِ جي سنڌ کي پيش ڪندي، ياد رهي ته آءِ جي ٻه ڏينهن اڳ شارٽ ٽرم اغوا ۽ ڊجيٽل ڦرلٽ تي سي ٽي ڊي آفيسر راجا عمر خطاب ۽ سي پيڪ ڊي ايس پي فرخ کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.