تنگواڻي مان اغوا ٿيل 2 مغوي بازياب نه ٿيا، بک هڙتالي ڪئمپ قائم

تنگواڻي ( ن ع آ ) تنگواڻي جمال پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ زنگي بھلڪاڻي مان ھڪ مھينو اٺ ڏينھن اڳ ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل  لياقت بھلڪاڻي ۽ شڪيل بھلڪاڻي بازياب نه ٿي سگھيا، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ بھلڪاڻي برادري پاران 3 ڏينھن اڪرم باجڪاڻي، شربت نندواڻي، پير بخش بھلڪاڻي. اصغر ڏاھاڻي،منصور ملڪ وين ٽرمينل تي ڌرڻو ھڻي علامتي بک ھڙتالي ڪيمپ لڳايو ويو، پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪندي اڳواڻن چيو ته ھڪ مھينو 8 ڏينھن کان پورھيت ڳوٺاڻا لياقت بھلڪاڻي ۽ شڪيل بھلڪاڻي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد آھن، گھر ڀاتين ۾ ڪھرام متل آھي،ھنن چيو تہ ضلع اندر امن امان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آھي،لڏپلاڻ تي رھواسي مجبور آهن، ھنن چيو تہ آپريشن جي مد ۾ ڪروڙين روپيا بجيٽ ھڙپ ڪيو پيو وڃي پر عام شريف شھري توڙي ڳوٺاڻن جو تحفظ نہ ڪيو پيو وڃي،ھنن ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير شيخ سميت پوليس جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ اغوا ٿيل ڳوٺاڻن کي بازياب ڪرائي عام شريف شھرين ۽ ڳوٺاڻن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.