وفاقي سرڪار پاران ڪراچي_ سکر موٽروي جو ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي سرڪار پاران زير التويٰ ڪراچي کان سکر موٽروي تي هلندڙ سال تعمير جو ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويوآهي. وفاقي وزير مواصلات  عبدالعليم خان  خصوصي اجلاس ۾ ڪراچي کان سکر تائين موٽر وي جي تعمير شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته ان جي تعمير سان نارٿ سائوٿ موٽر وي جو نيٽ ورڪ مڪمل ٿي ويندو،سنڌ حڪومت کي به موٽروي جي تعمير ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏينداسين،موٽروي جي شروعات ڪراچي پورٽ کان ٿيندي ۽ ان کي سکر موٽروي سان ڳنڍيو ويندو،هن چيو ته ڪراچي سکر موٽروي پراجيڪٽ کي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ طور شروع ڪري سگهجي ٿو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.