چنائي (ويب ڊيسڪ) آسڪر ايوارڊ يافته ڀارتي فلم ” آر آر آر “ جي اسٽار رام چرن ۽ پون ڪلياڻ جي نئين فلم ”گيم چئنجر “ جي پري رليز ايونٽ ۾ شريڪ ٿيندڙ ٻه مداح هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اِهو واقعو ڀارتي رياست آنڌرا پرديش جي شهر راجمندري ۾ ايونٽ کانپوءِ پيش آيو، جتي مداح اراوا منيڪانتا ۽ ٿوڪڙا چرن موٽر سائيڪل تي واپس وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ وين سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي سخت زخمي ٿي پيا.
حادثي بعد ٻنهي کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر ٻنهي مداحن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
ٻئي پاسي فلم جي پروڊيوسر دل راجو حادثي تي ڏُک جو اظهار ڪندي سوڳوار ڪٽنب لاءِ ڏهه لک ڀارتي رپين جي امداد جو اعلان ڪيو آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ ڏکڻ ڀارتي سپر اسٽار الو ارجن جي فلم پشپا ٽو جي پريميئر دوران به ڀاڄ جي نتيجي ۾ هڪ عورت مداح حياتي وڃائي ويٺي هئي، جنهن سبب الو ارجن کي پوليس گرفتار ڪري ورتوهو.
You might also like