نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽرا ۾ وار ڪرڻ جي هڪ پراسرار بيماري سامهون اچي وئي، جنهن سبب متاثر ماڻهو هڪ هفتي ۾ گنجا ٿيڻ لڳا.
ڀارتي ميڊيا موجب مهاراشٽرا جي بلڌانا ضلعي جي ٽن ڳوٺن جي ماڻهن پراسرار بيماري جي شڪايت ڪئي، ان بيماري سان انهن جا وار ڇڻڻ لڳندا آهن ۽ ڏسندي ئي ڏسندي متاثر شخص گنجو ٿي ويندو آهي.
ماڻهن جو چوڻ آهي ته متاثر ڳوٺ م جيڪي ماڻهو ان بيماري ۾ مبتلا ٿيا، انهن جا وار ڇڻڻ شروع ٿيا ۽ اهي ڪجهه ڏينهن ۾ ئي گنجا ٿي ويا، جن ۾ مردن سان گڏ عورتون پڻ شامل آهن.
اهي واقعا منظر تي اچڻ کانپوءِ ماهرن جي هڪ ٽيم ڳوٺ جو دورو ڪيو ۽ اتان نمونا ورتا ۽ چيو ته ان بيماري جي حوالي سان حتمي طور ٽيسٽ جا نتيجا اچڻ کانپوءِ خبر پوندي.
هوڏانهن صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڻي ۾ ڀاڻ جي ملاوٽ سبب ان جو گدلو ٿيڻ ان جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو.
You might also like