واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪينيڊا کي آمريڪا ۾ شامل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي اهڙن آمريڪي نقشن جون تصويرون شيئر ڪيون آهن، جن ۾ ڪينيڊا به شامل آهي.
گذريل ڏينهن ٽرمپ پريس ڪانفرنس ۾ ڪينيڊا جي سرحد جي حوالي سان چيو هو ته جيڪڏهن هڪ ڀيرو ان عارضي ليڪي کي هٽائي ڏسجي ته اهو قومي سلامتي لاءِ بهتر هوندو، آمريڪا ۽ ڪينيڊا گڏ سٺا لڳندا.
هوڏانهن ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڪينيڊا قيامت تائين آمريڪا ۾ ضم نه ٿيندو.
واضح رهي ته ٽرمپ اڳ ۾ به ڪينيڊا کي آمريڪا جي 51هين رياست بڻائڻ جي خواهش ظاهر ڪري چڪو آهي.
You might also like