گِل سان رومانوي لاڳاپا ۽ شادي، اداڪارا نيٺ سچ ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان بيٽر شُڀمَن گِل جي سچن ٽنڊولڪر جي نياني سارا سان لاڳاپن بعد هڪ ٻي اداڪارا سان ڊيٽنگ جون خبرون سامهون آيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، سچن ٽنڊولڪر جي ڌيءُ سارا سان لاڳاپن کانپوءِ هاڻي ڪرڪيٽر جو نالو هڪ ٻي اداڪارا سان جوڙيو پيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته بالي ووڊ اداڪارا ۽ ڪرڪيٽر وچ ۾ رومانوي لاڳاپا آهن ۽ هو ٻئي هڪٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيا آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب، شُڀمَن گِل اداڪارا رڌيما پنڊت ڊيٽنگ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته کان اڳ اهڙيون خبرون سامهون آيو هيون ته ٻئي ڊسمبر 2024ع ۾ شادي ڪري رهيا آهن.
هاڻي فلم ” سڪندر ڪا مقدر “ ذريعي بالي ووڊ ۾ انٽري ڏيندڙ اداڪارا رڌيما مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي ان افواهه بابت سڀ ڪجهه واضح ڪيو ته هوءَ هڪ ڀيرو به ڀارتي ڪرڪيٽر سان ناهي ملي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڪجهه ناهي، نه ئي اِها خبر آهي ته معاملا ان حد تائين ڪيئن پهتا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.