بابر اعظم کي سي اي بيٽ استعمال ڪرڻ جو ڪيترو معاوضو ملندو؟ تفصيل پڌرا

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر بابر اعظم ” سي اي “ جي بيٽ استعال ڪرڻ جو ڪيترو معاوضو وٺي ٿو ؟ يقينن هي اهڙو سوال آهي جيڪو ڪرڪيٽ پرستار ۽ بابر اعظم جا مداح ضرور ڄاڻڻ چاهيندا هوندا ۽ ان حوالي سان اهم تفصيل پڻ سامهون آيا آهن.
بابر اعظم انگلينڊ جي اسپورٽس ڪمپني گري نڪولس سان پنهنجي ڊگهي ڀائيواري ختم ڪري پاڪستان ۾ راندين جو سامان ٺاهيندڙ ڪمپني سي اي اسپورٽس سان معاهدو ڪري ورتو آهي.
هاڻي ان حوالي سان ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻي ڪپتان پاڪستاني برانڊ سان هڪ منافعي بخش ڊيل ڪئي آهي جنهن ۾ ڪيئي مراعتون پڻ شامل آهن.
سي اي اسپورٽس نه رڳو بابر اعظم جي بيٽ اسپانسر فيس جا ساليانو ست ڪروڙ رپيا ادا ڪندو پر کيس بهترين ڪارڪردگي جي بنياد تي بونس پڻ ڏيندو.
واضح رهي ته ست ڪروڙ رپيا ساليانو پاڪستان ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ڪنهن به بيٽر جو سڀ کان وڏيو منافعي بخش معاهدو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.