عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ سمٿ هائيڪنگ ڪندي جَبل تان ڪِري پئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب جمائما سان اهو حادثو ڏکڻ آفريقا جي هڪ تفريحي ماڳ تي هائيڪنگ دوران پيش آيو، جتي هوءَ نئين سال جون موڪلون ملهائڻ آئي آهي.
جمائما پنهنجي دوستن سان گڏ ڏکڻ آفريقا جي مشهور جبل تي هائيڪنگ ڪري رهي هئي، اهو بجل سمنڊ جي سطح کان ٻه هزار فوٽ کان وڌيڪ اوچو آهي.
جمائما ان جمل جي چوٽي تان هيٺ هلندي تِرڪي ڪري پئي، جنهن سبب کيس ڪلهي ۽ پير ۾ ڌڪ لڳا.
جمائما کي زخمي حالت ۾ ڪيپ ٽائون جي هڪ اسپتال نيو ويو، جتي سندس حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.
You might also like