شملا معاهدو، ڪشمير تڪرار ۽ پاڪستان سان جنگ، ڪنگنا جو” ايمرجنسي“رليز ڪرڻ جو اعلان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ ڪانگريس اڳواڻ اندرا گانڌي جي سياسي ڪردار تي آڌاريل فلم ” ايمرجنسي“ اٽڪل چار مهينا رولڙي جو شڪار رهڻ کانپوءِ هلندڙ مهيني رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪنگنا رناوت جي هدايتڪاري هيٺ ٺهيل فلم ايمرجنسي ٽريلر گذريل سال آگسٽ ۾ جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ فلم جي رليز جي تاريخ 17 سپٽيمبر ڄاڻائي وئي هئي.
پر ڀارت ۾چونڊن ۽ فلم جي تڪراري ڪهاڻي سبب سينسر بورڊ فلم جي رليز جي اجازت نه ڏني هئي، پر هاڻي ان کي رليز ڪرڻ جي اجازت ملي وئي آهي.
پروڊڪشن ڪمپني ايمرجنسي جو نئون ٽريلر جاري ڪندي، فلم هلندڙ مهيني 17 جنوري تي سينما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪنگنا رناوت به پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي فلم جو ٽريلر شيئر ڪيو ۽ مداحن کي اپيل ڪئي ته هو سندس فلم ضرور ڏسن.
ايمرجنسي اهڙي وقت تي رليز ٿي رهي آهي جڏهن ڀارت ۾ سرڳواسي اندرا گانڌي طرفان لاڳو ڪيل ايمرجنسي کي پنجاهه سال مڪمل ٿي رهيا آهن.
اندرا گانڌي 1975ع ۾ ڀارت ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي هئي، جنهن تي اڄ تائين تنقيد ٿيندي رهي ٿي.
فلم ۾ اندرا گانڌيءَ جي سياست ۽ ڀارت ۾ مڙهيل ايمرجنسي جهڙن مسئلن کي ڏيکاريو ويندو.
فلم جي ٽريلر مان ڪهاڻي سمجهڻ ڏکي آهي، پر ان مان اشارو ملي ٿو ته فلم ۾ ڪيترن ئي سياسي واقعن ٽوڙي مروڙي پيش ڪيوويو آهي.
ٽريلر ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڀارت آمريڪا سميت ٻين پرڏيهي طاقتن جي مدد سان پاڪستان سان جنگ ۽ ڇڪتاڻ شروع ڪري ٿو.
ٽريلر ۾ اندرا گانڌي طرفان والاريل جمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن کي به ڏيکاريو ويو آهي.
فلم ۾ اندرا گانڌيءَ طرفان سکن خلاف طاقت جي غلط استعمال کي پڻ ڏيکاريو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارت ۾ خالصتان تحريڪ زور پڪڙيو.
ان کانسواءِ ٽريلر ۾ شملا معاهدي، خالصتان تحريڪ ۽ اندرا گانڌي طرفان ڀارت ۾ جمهوري قدرن جي لتاڙ کي به ڏيکاريو ويو آهي.
ايمرجنسي ۾ ڪنگنا رناوت اندرا گانڌي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، کيس گذريل سال ٿيل چونڊن ۾ لوڪ سڀا جي رڪن پڻ چونڊيو ويو هو. فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ مهيما چوڌري، شرياس تلپڙي، انوپم کير سميت ٻيا اداڪار اهم ڪردار ادا ڪندي نظر ايندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.