گهٽ بجيٽ سان ٺاهيل فلم جي دنگ ڪري ڇڏيندڙ ڪمائي!

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي وڏين فلمن سان گڏ گهٽ بجيٽ جون به فلمون به اڪثر حيران ڪندڙ ڪاميابيون حاصل ڪنديون آهن.
اهڙين ئي فلمن مان هڪ فلم ”انڌا ڌند“ آهي، جنهن رڳو 17 ڪروڙن جي بجيٽ سان ٺهي 440 ڪروڙن جو بزنس ڪيو ۽ ان بالي ووڊ جي ڪلاسڪ فلمن لگان ۽ شعلي کي به پوئتي ڇڏي ڏنو.
ان فلم جي مک ڪردارن ۾ آيوشمان کرانا، راڌيڪا آپتي ۽ تبو شامل آهن، فلم جي هدايتڪاري شري رام راگهون ڏني آهي.
انڌا ڌند جي ڪهاڻي سسپينس ۽ ٿرل سان ڀرپور آهي، جنهن کي شوقينن بهترين موٽ ڏني.
منفرد ڪهاڻي ۽ زبردست اداڪاري فلم کي نه رڳو ڀارت پر سڄي دنيا ۾ مقبول ڪيو ۽ اها سڄي دنيا مان 440 ڪروڙ رپيا ڪمائي بالي ووڊ جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلمن مان هڪ بڻجي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.