ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي خوبرو اداڪارا شرڌا ڪپور جي جيولري برانڊ تي پرڏيهي برانڊ جي ڊيزائن چوري ڪرڻ جو الزام مڙهيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڪترينا ڪيف ۽ عاليا ڀٽ جيان شرڌا ڪپور به ڪاروبار جي دنيا ۾ قدم رکندي ڊيمي فائن جيولرز برانڊ جي بنياد رکيو آهي.
واضح رهي ته شرڌا ان برانڊ ۾ ” برانڊ ويزنري “ طور شامل آهي، پر هن وقت ان برانڊ تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدار شرڌا جي جيولري ڊيزائنز تي مشهور لگزري برانڊز، جهڙوڪ ڪارٽيئر جي ڊيزائنر جي نقل ڪرڻ جو الزام هڻي رهيا آهن.
هڪ واهپيدار تبصرو ڪيوته ” مشهور شخصيتن وٽ اصل ڊيزائن تيار ڪرڻ لاءِ بهتر وسيلا هوندا آهن، پوءِ به جعلي ڊيزائنز ڇو وڪڻي رهيون آهن ؟ “
هڪ ٻئي واهپيدار شرڌا جي پيءُ شڪتي ڪپور جي مشهور ڪردار ڪرائم ماسٽر گوگو جو حوالو ڏيندي چيو ته ” ڪرائم ماسٽر گوگو جي ڌيءَ مان اِها اميد نه هئي. “
You might also like