ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ بولڊ سين فلمن جو حصو هوندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن فلم ساز انهن کي ايترو وڌائي پيش ڪندا آهن جو سڄي فلم خراب ٿي ويندي آهي.
اهڙي ئي هڪ بالي ووڊ فلم ۾ ڏسندڙن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ 30 ڪسنگ سين شامل ڪيا ويا پر ان باوجود اها فلم بالي ووڊ جي سڀ کان وڏي فلاپ فلمن ۾ شامل ٿي وئي.
اها فلم ”3G- اي ڪلر ڪنيڪشن“ آهي، جيڪا 2013 ۾ رليز ٿي، هارر ٿرلر تي ٻڌل اها فلم نيل نتن مڪيش ۽ سونال چوهاڻ جي مرڪزي ڪردارن سان ٺاهي وئي.
فلم ۾ تقريبن 30 ڪسنگ سين شامل هئا، جيڪي ان وقت جي مقبول بالي ووڊ فلم ”مرڊر“ کان به وڌيڪ هئا.
فلم جي رليز کانپوءِ ڏسندڙن ۽ نقادن ان تي سخت تنقيد ڪئي، فلم جي بجيٽ 13 ڪروڙ هئي پر اها رڳو 5.48 ڪروڙ رپيا ڪمائي سگهي.
You might also like