يش ڪي جي ايف کان به ڌماڪيدار ” ٽاڪسڪ “ جو ٽيزر جاري ڪري ڇڏيو

بئنگلورو (ويب ڊيسڪ) ڪي جي ايف چيپٽر ون ذريعي شهرت ماڻيندڙ ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جي سپر اسٽار نوين ڪمار عرف يش جي نئين فلم ” ٽاڪسڪ“ جو ٽيزر جاري ڪيو يوو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي نئين ايندڙ ايڪشن ۽ ٿرلر سان ڀرپور فلم جو پوسٽر شيئر ڪندي واعدو ڪيو هو ته هو پنهنجي مداحن کي هڪ وڏو سپرائز ڏيڻ وارو آهي.
اڄ اداڪار پنهنجي 39 هين سالگرهه جي موقعي تي يش نئين فلم ” ٽاڪسڪ “ ٽيزر رليز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي هن پاڻ ئي پروڊيوس ۽ ڊائريڪٽ ڪيو آهي.
فلم 10 اپريل تي سموري دنيا جي سئنما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.