جهاز سمنڊ ۾ ڪِرڻ سان 3 سياح اجل جو شڪار

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ۾ يورپي سياحن کي کڻي ويندڙ ننڍو جهاز سمنڊ ۾ ڪِري پيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب سمنڊ ۾ ڪرندڙ ننڍي جهاز ۾ 7 ڄڻا سوار هئا، جن مان 3 فوت ٿي ويا، جڏهن ته 4 کي بچايو ويو.
حادثو روٽنيسٽ ٻيٽ تي پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ پائلٽ، هڪ ڊينش ۽ هڪ سوئس سياح شامل آهن.
يورپي سياحن کي کڻي ويندڙ ننڍو جهاز اڱاري جي شام روٽنيسٽ آءِ لينڊ کان روانو ٿيو هو، في الحال حادثي جا ڪارڻ سامهون ناهن اچي سگهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.