ٽيڪس نظام ڪاروبار هلڻ نه پيو ڏئي پر آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدا نڀائڻا پوندا: وزيراعظم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٽيڪس ايترا وڌيڪ آهن جو ڪاروبار کي هلڻ نه پيا ڏين پر اسان کي آءِ ايم ايف پروگرام ۽ پنهنجا هدف پورا ڪرڻا آهن.
ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته معاشي ترقي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، هاڻ اسان کي گروٿ ڏانهن وڌڻو آهي.
هن چيو ته موجوده ٽيڪس سليبس جو نظام ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي هلڻ نه پيو ڏئي پر پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام ۾ آهي، جيڪي واعدا آءِ ايم ايف سان ڪيا آهن اهي نڀائڻا پوندا.
سندس چوڻ هو ته اسان کي بينڪن مان سرمايو گهرجي، اڄ وياج جي شرح 13 سيڪڙو تي اچي وئي آهي ۽ چاهيان ٿو ته وڌيڪ گهٽجي 6 تي اچي وڃي، برآمدن تي ٻڌل گروٿ وڌائڻي آهي، ان لاءِ تجويزون ڏيو.
وزيراعظم چيو ته اسان وٽ قدرتي وسيلا آهن، اسان کي هتي انڊسٽري لڳائڻ لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن ماڻهن کي نوڪريون ملن، ان لاءِ به مون کي توهان جون تجويزون کپن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.