انسٽاگرام تي عشق، آمريڪي عورت سڀ ڪجهه ڇڏي قبيلائي شخص سان پرڻجي هڪ غار ۾ رهڻ لڳي!

عمان (ويب ڊيسڪ) 42 ورهين جي آمريڪي عورت نتالي سنائيڊر پنهنجي سياحتي زندگي کي الوداع چئي اردن جي وارياسي علائقي پيٽرا ۾ هڪ غار ۾ رهڻ لڳي، جتي هوءَ پنهنجي 32 ورهين جي مقامي قبيلائي مڙس فيرس بودين سان گڏ رهي ٿي.
انهن ٻنهي جي ڪهاڻي جي شروعات انسٽاگرام تي هڪ تصوير تان ٿي، جنهن ۾ نتالي فيرس کي گهوڙي تي سوار ڏٺو، هن پنهنجي انسٽاگرام تي اها تصوير پوسٽ ڪئي.
فيرس تصوير تي ڪمينٽ ڪندي چيو ته اها تصوير منهنجي آهي ۽ نتالي کي اردن اچڻ جي دعوت ڏني، جنهن کانپوءِ ٻنهي شادي ڪري ڇڏي ۽ هاڻ غار ۾ زندگي گهاري رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب نتالي، جيڪا اڳ ۾ هڪ سياحتي ڪمپني لاءِ سڄي دنيا ۾ سفر ڪندي هئي، هاڻ پيٽرا ڀرسان هڪ ٻن ڪمرن جي غار ۾ رهي ٿي، جنهن ۾ اسٽوريج روم، هڪ بالڪوني ۽ چشمي جي پاڻي سان هلندڙ بيت الخلا به موجود آهي.
نتالي ٻڌايو ته مان شروع کان وچ اوڀر جي قديمي آثارن ۾ دلچسپي رکندي آهيان ۽ ڪيترن ئي سالن کان اردن اچي رهي هيس پر پهريون ڀيرو مان ڪنهن هڪ جاءِ کي پنهنجو مستقل ٺڪاڻو سمجهي رهي آهيان.
فيرس جيڪو هڪ مقامي گائيڊ آهي، ٻڌايو ته سندن خاندان نسلن کان انهن غارن ۾ رهي ٿو، حڪومت کين زمين ۽ گهر فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر هنن ان کي ٿڌي ڇڏيو، اسان پنهنجي غار کي محل چوندا آهيون ۽ هتان ڪڏهن به ٻئي هنڌ نٿا وڃڻ چاهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.