سڊني (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽس جو بهترين بالر قرار ڏئي ڇڏيو.
آسٽريليا خلاف بارڊر – گواسڪر ٽرافي جي پنجن ميچن ۾ 32 وڪيٽون ورتيون، جنهن تي کيس پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.
بمرا آخري ٽيسٽ ۾ آسٽريليا جي پهرين اننگز دوران انجري جو شڪار ٿي ويو هو.
ڀارت جي ٻين بالرن چئن رنسن جي سرسي حاصل ڪئي، پر بمرا جي غير موجودگيءَ ۾ آسٽريليا سڊني ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن 162 رنسن جو هدف چئن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري پنجن ميچن جي سيريز ٽي هڪ تان کٽي ورتي.
ڪرڪ انفو سان ڳالهائيندي اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان چيو ته بمرا بابت هن جيڪا ڳالهه نوٽ ڪئي ۽ سيريز دوران هن پاڻ به پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي اِهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هو ٽنهي فارميٽس ۾ هاڻي تائين جو بهترين بالر آهي.
سندس چوڻ هو ته هو ڄاڻي ٿو تي ڪيئي عظيم فاسٽ بالر آهن جن ۾ ڪرٽلي ايمبروز، گلين ميڪرا ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ نه کيڏي، تنهنڪري هو انهن بابت نه ڳالهائيندو پر جيڪو بالر به ٽئي فارميٽ کيڏيو آهي انهن شايد هو( بمرا ) هن وقت تائين دنيا جو بهترين بالر آهي.
مائيڪل ڪلارڪ چيو ته” بمرا ڪنهن به ڪنڊيشن ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي ٿو، اِها ئي شئي کيس عظيم بڻائي ٿي، هي ڇوڪرو واقعي شاندار آهي.“
هن چيو ته ” منهنجي خيال ۾ ڀارت سڊني ٽيسٽ ۾ ويهه رنسون گهٽ ٺاهيون، مان سمجهيو ته 180 جي سرسي سان بمرا ٽيم هوندوته ڀارت کٽي ويندو.
You might also like