حادثي جي صورت ۾ بچڻ لاءِ ڇا ڪجي؟ فضائي مسافرن لاءِ اهم هدايتون

تازن فضائي حادثن ۾ بچي ويندڙ مسافرن جو ڪهاڻيون اڪثر اهو سوال پيدا ڪنديون آهن ته ڇا جهاز جي سيٽن جو هنڌ مسافرن جي زندگي ۽ موت ۾ ڪو ڪردار ادا ڪندو آهي؟
مشهور نظريو اهو آهي ته جهاز جي پوئين حصي جون سيٽون ٻين جي ڀيٽ ۾ محفوظ هونديون آهن پر ماهرن موجب اها ڳالهه هر حادثي ۾ درست ناهي هوندي.
هڪ تحقيق موجب 1985 کان 2000 دوران آمريڪي فضائي حادثن ۾ جهاز جي پوئين حصي ۾ ويٺل مسافرن جي موت جي شرح گهٽ هئي.
جهاز جي شروعاتي حصي ۾ مسافرن جي موت جي شرح 38، وچئين حصي ۾ 39 ۽ پوئين حصي ۾ اها شرح 28 سيڪڙو هئي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته حادثي جي نوعيت ۽ حالتن موجب اهي انگ اکر تبديل ٿي سگهن ٿا، هر حادثو مختلف هوندو آهي ۽ ڪا مخصوص سيٽ محفوظ هجڻ جي گارنٽي نٿي ڏئي سگهجي.
پرڏيهي ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايوي ايشن سيفٽي جي ماهر ايڊ گاليا جي تحقيق موجب حادثن کانپوءِ سڀ کان اهم ڳالهه اها هوندي آهي ته توهان هنگامي رستي جي ڪيترو ويجهو آهيو، هنگامي رستي سان 5 قطارن جي اندر جون سيٽون سڀ کان محفوظ سمجهيون وينديون آهن، وچين ۽ دريءَ وارين سيٽن جي ڀيٽ ۾ راهداري جي سيٽون وڌيڪ محفوظ آهن، ڇو ته اتان نڪرڻ وڌيڪ آسان هوندو آهي.
حادثن کان بچڻ لاءِ مسافرن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ان حوالي سان ماهر ڪجهه اهم هدايتون ڏيندا آهن.
هنگامي رستي مان نڪرڻ جون هدايتون غور سان پڙهو ۽ ڪريو جي بريفنگ ٻڌو.
پنهنجي سيٽ بيلٽ جي اهميت کي سمجهو ۽ اڏام دوران هر وقت ٻڌل رکو.
هنگامي رستي تائين پهچڻ جون قطارون ياد ڪري ڇڏيو ته جيئن دونهين يا گهٽ روشني ۾ رستو ڳولي سگهجي.
اڏام دوران جوتا نه لاهيو ۽ لينڊنگ دوران پنهنجي ويجهي سامان تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي زندگي کي ترجيح ڏيو.
ايوي ايشن جو ماهر جيوفري ٿامس چئي ٿو ته مسافرن کي پنهنجو سامان ڇڏي فوري طور نڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، توهان جي زندگي جو دارومدار ان تي آهي ته توهان ڪيتري تيزيءَ سان ٻاهر نڪرو ٿا، تنهن ڪري محفوظ سفر لاءِ ضروري آهي ته عملي جي هدايتن تي عمل ڪن ۽ حادثي جي صورت ۾ تڪڙا ۽ درست فيصلا ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.