لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز ملتان کان لاهور ۽ ڪراچي منتقل ڪري ڇڏي.
ٽه ملڪي سيريز ۾ ميزبان پاڪستان سميت نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون شامل آهن جڏهن ته سيريز جون ميچون پهريان ملتان ۾ شيڊول هيون، جيڪي هاڻي ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٿينديون.
پي سي بي پڌرائي موجب، اِهو فيصلو بورڊ جي اَپ گريڊ ٿيل وينيوز جي تياري تي اعتماد، رانديگرن، آفيشلز ۽ شوقينن لاءِ عالمي معيار جي تجربي جي فراهمي جي عڪاسي ڪري ٿو.