دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي نئين ٽيسٽ پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي جوءِ روٽ جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ٽيمبا باووما ٽي درجا بهتري سان ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي.
ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽر رشڀ پنت ٽي درجا بهتري بعد نائون نمبر ماڻي ورتو آهي، اسٽار بيٽر بابر اعظم پنج درجا بهتري سان 12 هين نمبر تي اچي ويو، محمد رضوان به ٻه درجا ترقي ماڻڻ کانپوءِ 19 هين نمبر تي موجود آهي.
ان کانسواءِ قومي ڪپتان سان مسعود جي رينڪنگ ۾ 12 درجا بهتر آئي آهي ۽ هو 45 هين نمبر تي موجود آهي.
آءِ سي سي ٽيسٽ بالرن جي رينڪنگ ۾ ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا جو پهريون نمبر برقرار آهي، پيٽ ڪمنز ۽ ڪگِيسو ربادا هڪ هڪ درجو ترقي بعد ٻي ۽ ٽيئن پوزيشن تي موجود آهن.
آسٽريلوي فاسٽ بالر اسڪاٽ بولنڊ وڏو ٽپو ڏيندي 29 پوائنٽس حاصل ڪري 10 هين پوزيشن ماڻي ورتي آهي، جڏهن ته نعمان علي ٻه درجا وڃائڻ بعد 11 هين نمبر تي هليو ويو آهي.
ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جي ٽرويس هيڊ جي پهرين پوزيشن آهي، بابر اعظم هڪ درجو بهتري بعد ڇهين نمبر تي پهچي ويو، فل سالٽ ٻئي ، تلڪ ورما ٽئين نمبر تي موجود آهي.
ٽي ٽوئنٽي بالرن ۾ ويسٽ انڊيز جي عقيل حسين جو پهريون نمبر آهي، عادل رشيد جي ٻي ۽ ونندو هسارنگا جي ٽين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته ٽاپ ٽين ٽي ٽوئنٽي بالرن ۾ ڪو به پاڪستاني شامل ناهي.
ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز ۾ ڀارت جي هاردڪ پانڊيا جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.
You might also like