اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 16 جنوري کان ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جو اگهه اڍائي مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، 8 ڏينهن ۾ آمريڪي ڪچي تيل جي قيمت ۾ 4 ڊالر 15 سينٽ جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، عالمي مارڪيٽ جي اندر آمريڪي ڪچي تيل جو ٽريڊ 74 ڊالر 78 سينٽ تي پهچي ويو.
8 ڏينهن دوران برطانوي برينٽ جي قيمت ۾ 3 ڊالر 27 سينٽ جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، عالمي مارڪيٽ ۾ برطانوي برينٽ 74.23 مان وڌي 77.50 ڊالر تي پهچي ويو.
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه آڪٽوبر کانپوءِ هيل تائين جي بلند ترين سطح تي آهن.
You might also like