نئين سال جي آمد سان هونڊا 125 جي چاهيندڙن لاءِ خوشخبري

پاڪستان ۾ موٽر سائيڪل واهپيدارن جي پهرين ترجيح هونڊا جي موٽر سائيڪل ئي هوندي آهي، جنهن جو سبب ان جي ڪارڪردگي ۽ فيول ايوريج آهي.
ٻن ڏهاڪن کان هونڊا سي جي 125 جي شڪل ۽ صورت ۾ ظاهري طور ڪا تبديلي ناهي ڪئي وئي پر ڪمپني نوان رنگ ۽ اسٽيڪر متعارف ڪرائيندي رهندي آهي، هن ڀيري ان ۾ نيري رنگ جي به واڌ ڪئي وئي آهي.
اٽلس هونڊا طرفان سي جي هونڊا 125 خريدڻ جي خواهشمندن لاءِ هڪ نئون ”نيرو“ رنگ متعارف ڪرايو ويو آهي، جيڪو يقيني طور تي واهپيدارن کي پسند ايندو.
هونڊا 125 جي بنيادي ماڊل جي قيمت 2 لک 34 هزار 900 رپيا آهي، نئين سال جي آمد تي قيمت ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي وئي پر هڪ نئين رنگ جي واڌ ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ هونڊا 125 سيلف اسٽارٽ جي قيمت 2 لک 82 هزار 900 رپين تي برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.