سنڌ جي دردن جو درمان ڪرڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي/ ملير(رپورٽر+ڊ ر) مولانا اسدالله ڀٽو جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي وفد جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سان گلشن حديد  واري رھائش گاھ تي ملاقات ڪري کيس جماعت اسلامي طرفان 12جنوري تي سکر ۾ بدامني ڌاڙيل راڄ خاتمي لاءِ ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ٻنھي پارٽين جي اڳواڻڻ سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالهايو ۽ خاص طور تي بدامني پاڻي تي ڌاڙي، زمينون ڪمپني کي ڏيڻ سميت سنڌ جي دردن جو درمان ڪرڻ لاءِ گڏجي جاکوڙ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سنڌ جو اڳوڻو امير محمد حسين محنتي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالقدوس احمداڻي، سيڪريٽري اطلاعات مجاھد چنا، مولانا ضياءُ الرحمان فاروقي، ملڪ جاويد اقبال عباس دايو، جسقم ڪراچي ڊويزن جو صدر الاھي بخشش بڪڪ، محمد اقبال ڇٽو پڻ موجود ھئا. صنعان خان قريشي جو چوڻ ھو ته جيڪو ھن ڌرتيءَ تي رھي ٿو ۽ ان جو کائي ٿو انھن سڀني ڌرين کي سنڌ ڌرتيء جي مالڪي ڪرڻ کپي،سنڌ ۾  بدامني سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي پيو آھي، مولانا اسدالله ڀٽو جو چوڻ ھو ته پاڻي مٿان ڌاڙي کان ويندي ڪارونجھر ۽ زمينن جي نيلامي تائين پ پ حڪومت سنڌ جي وسيلن توڙي حقن تي ڌاڙي ۾ ڌارين سان گڏ آھي پ پ ھڪ ئي ٽڪيٽ ۾ حڪومت توڙي مخالف ڌر جا به مزا وٺي رھي آھي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.