ٻارن سان زيادتي جا ڪيس هلائڻ لاءِ چائلڊ ڪورٽون قائم ڪرڻ جو بل منظور

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ٻارن سان زيادتي جا ڪيس هلائڻ لاءِ چائلڊ ڪورٽون قائم ڪرڻ جو بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي، ڪميٽي جو اجلاس  چيئرمين خرم نواز جي صدارت هيٺ ٿيو، بل مسلم ليگ ن جي ميمبر اسيمبلي سيده نوشين افتخار پيش ڪيو، بل تحت ريپ جو شڪار ٿيندڙ ٻارن لاءِ چائلڊ ڪورٽون قائم ڪيون وينديون، نوشين افتخار چيو ته زيادتي جو شڪار ٻارن جو بيان سٺي ماحول ۽ نفسيات جي ماهر جي موجودگي ۾ ورتو ويندو، زيادتي جي ڪيسن جو فيصلو 6 مهينن ۾ ڪرڻ ضروري هوندو، پي ٽي آءِ ميمبر زرتاج گل چيو آهي ته زيادتي جي جوابدارن کي سزا نه ملڻ برابر آهي، اجلاس ۾ عورتن کي وراثت ۾ حق ڏيڻ واري عدالتي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جي سزا واري بل تي به غور ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم جي ميمبر صوفيه سعيد چيو آهي ته بل تحت وراثت جو حق عدالتي فيصلي ذريعي ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن 120 ڏينهن اندر ان تي عمل نه ٿيو ته 6 مهينا قيد جي سزا هوندي، حڪومت بل تي اعتراض ڪندي چيو ته ان سزا کي سول قانون ۾ شامل ڪرڻ ممڪن ناهي، عورتن کي وراثت جو حق نه ڏيڻ جي صورت ۾ سول قانون کي مضبوط ڪري سگهجي ٿو اهڙا قانون اڳ ئي موجود آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.