بشريٰ بي بي ڳالهين واري ڪميٽي ۾ شامل ناهي: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته اسان جا ڪي به ڳجها رابطا نه آهن ۽ نه وري ڳجهيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. اڊيالا جيل  ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جي ٺاهيل ڪميٽي ئي ڳالهيون ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڳالهين واري ڪميٽي جي ٻن اجلاسن کانسواءِ ڪو به اجلاس ناهي ٿيو.پي ٽي آءِ جي حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي سان ٻه ملاقاتون ٿي چڪيون آهن. ڳالهين جي ٽئين دور کان اڳ عمران خان سان ملاقات ضروري آهي. هن چيو ته حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي کي به آگاهه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عمران خان سان ملاقات ٿيڻي آهي ۽ اميد هئي ته اڄ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿيندي پر اڃا تائين ڪا به پڪ ناهي ڏني وئي.بئريسٽر گوهر خان چيو ته اميد آهي ته سڀاڻي عمران خان سان ملاقات ڪنداسين، هن واضح ڪيو ته عمران خان جي گهرواري بشري بي بي ڳالهين واري عمل ۾ شامل ناهي. سندس چوڻ هو ته اسان جا رڳو ٻه مطالبا آهن: قيدين جي آزادي ۽ عدالتي ڪميشن جو قيام. بئريسٽر گوهر موجب عمران خان انهن ٻن مطالبن لاءِ ٽائم فريم ڏنو آهي.

  1. عدالت مان عمران کي رليف جي خدشي سبب ڪيس ٽيون ڀيرو ملتوي

اسلام آباد/لاهور (فخر دراني/عمران شفقت) عمران خان خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو وري ملتوي ڪيو ويو. ذريعن موجب اهو ان لاءِ ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن عمران خان کي ان ڪيس ۾ سزا جو فيصلو اچي ويندو ته هو ان کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيندو ۽ اتي جيڪي جج موجود آهن انهن وٽان عمران خان کي رليف ملڻ جو امڪان آهي. ڇو ته اتي 6 جج اڳ ئي پنهنجو تاثر ڏئي چڪا آهن. تنهن جي ڪري جيڪا حڪمت عملي جوڙي وئي آهي ان موجب 26هين ترميم کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 4 نوان جج  مقرر ٿيڻا آهن، جيستائين اهي نوان جج نه اچي ويندا تيستائين ان ڪيس جو فيصلو نه ايندو. هن وقت 19 ججن جا نالا اچي ويا آهن. سينارٽي ۾ به تبديلي جو امڪان آهي، ذريعن موجب لاهور هاءِ ڪورٽ مان سينيئر موسٽ جج کي اسلام آباد آندو ويندو ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس عامر فاروق سپريم ڪورٽ ويو ته اتي سينيئر جج ئي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بڻجي ويندو. 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو 13 جنوري تي ٻڌائڻ جي تاريخ ڏني وئي آهي جڏهن ته جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 17 جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي، ان مان ظاهر آهي ته 13 جنوري تي به ڪيس جو فيصلو نه ٻڌايو ويندو.  ٻئي پاسي پي ٽي آءِ ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ختم ڪرڻ جو ڪو فيصلو ناهي ٿيو. حڪومت ڪوشش ڪندي ته پي ٽي آءِ لکت ۾ مطالبا پيش ڪري ته جيئن سڀاڻي ائين نه چيو وڃي ته حڪومت ڳالهين کان ڀڄي رهي آهي. جيڪڏهن هي لکي ڏين ٿا ته عمران خان کي آزاد ڪريو ته حڪومت اهو عوامي سطح تي ڏيکاري سگهي ٿي. پي ٽي آءِ جيڪڏهن اهڙيون ڳالهيون سوچي فيصلا ڪري ٿي ته پوءِ ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگهنديون. پي ٽي آءِ سمجهي ٿي ته نواز شريف جيڪو معاهدو پرويز مشرف سان ڪيو هو اهڙي غلطي اسان نه ڪريون ٻئي پاسي هو اعتماد به نٿا ڪرڻ چاهين.  عليمه خان جيڪي مطالبا ٻڌايا انهن مان ائين لڳي ٿو ته عمران خان چاهي ٿو ته کيس عدالتن مان آزاد ڪرايو وڃي جيڪو اين آر او ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ عدالتي طريقيڪار موجب ائين آزادي ٿيندي ته حڪومت ڪيس واپس وٺي ائين حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ نٿي ڪرڻ چاهي. جيڪڏهن عمران خان مطالبا لکي نه ڏنا ته ڳالهيون ختم سمجهي سگهن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.