ڪڪڙ جو گوشت ڪمپنين جي هڪ هٽي سبب مهانگو

لاهور (م ڊ) ڪڪڙ جو گوشت مهانگو ٿيڻ جا ڪارڻ سامهون اچي ويا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته پرائيويٽ ڪمپنين جي هڪ  هٽي سبب ڪڪڙ مهانگو ۽ ناياب ٿي ويو آهي، لاهور ۾ مرغي جو گوشت وڌيڪ مهانگو ٿي 700 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي، جڏهن ته سرڪاري اگهه 595 رپيا آهي، ٻئي طرف فارمرز جو فيڊ جي اگهه ۾ گهٽتائي جو مطالبو به رد ڪيو ويو آهي، سندن مطالبو هو ته سويابين جي اگهه ۾ گهٽتائي سبب مرغن جي خوراڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي، 50 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ سويابين جو اگهه 230 رپين مان گهٽجي 180 رپيا في ڪلو ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.