حڪومت جا قرض ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت جا قرض ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا، اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ موجب  نومبر 2024ع تائين مرڪزي حڪومت جا قرض 70 هزار 366 ارب رپيا ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن، وفاقي حڪومت قرضن تي ڀاڙڻ وڌائي ڇڏيو آهي، اسٽيٽ بئنڪ جي دستاويزن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ جولاءِ کان نومبر 2024ع تائين وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ هڪ هزار 452 ارب رپيا جڏهن ته نومبر جي هڪ مهيني ۾ 2 ارب 40 ڪروڙ رپين جو اضافو ٿيو آهي، دستاويز موجب ڊسمبر 2023ع کان نومبر 2024ع تائين هڪ سال ۾ وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ 6 هزار 975 ارب رپين جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، اسٽيٽ بئنڪ موجب نومبر 2024ع تائين وفاقي حڪومت جي قرضن جو ڪاٿو 70 هزار 366 ارب رپيا هو، جنهن ۾ مقامي قرض 48 هزار 585 ارب رپيا ۽ پرڏيهي قرض 21 هزار 780 ارب رپيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.