عاشق زرداري کي سجاول ۾ آڻڻ جي ڪوشش، پ پ ڌڙابندي جو شڪار

سجاول(رپورٽ: منظور ميمڻ) عاشق علي زرداري کي سجاول ضلعي ۾ آڻڻ جي ڪوششن بعد سجاول ضلعي ۾ پيپلزپارٽي  ڌڙابندي جو شڪار ٿي وئي، مقامي پ پ قيادت ۽ شيرازي ڀائرن ۾ اختلافن سبب پ پ ضلعي قيادت پاران ٺھرايل پينا فليڪس ۾ شيرازي ڀائرن جون تصويرون نه لڳايون ويون، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 97 ھين سالگرھ تقريب ضلعي ھيڊڪوارٽرز ۾ ملھائڻ بدران سجاول جي قيادت پاران دڙو شھر ۾ سالگرھ ملھائي وئي ۽ شيرازين کي دعوت نه ڏني وئي، پ پ جي سينيئر اڳواڻ ارباب وزير ميمڻ جي ميزباني ھيٺ شھيد ڀٽو جي سالگرھ تقريب تي دڙو شھر ۾ جلسي عام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شيرازين شرڪت نه ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي ارباب وزير ميمڻ چيو ته جيڪي علي حسن زرداري لاءِ چوندا ھئا ته ٻاھريون ماڻھو آھي اھي اڄ سندس پيرن ۾ ويٺا آھن ۽ اھي عاشق علي زرداري جي پيرن ۾ ويھندا، جيڪڏھن پيپلز پارٽي ۾ اچو ته سڌا ٿي اچو نه ته  عوام ھٿان ڦرجي ويندا  ۽ عوام ڪنھن مير ڪنھن پير کي نٿي سڃاڻي عوام صرف شھيد ڀٽو کي سڃاڻي ٿي، تقريب ۾ پ پ پ ضلعي سجاول جي صدر محمد علي خان ملڪاڻي، پ پ پ اڳواڻ عاشق علي زرداري، ضلعي چيئرمين سجاول دانش خان ملڪاڻي، ضلع چيئرمين ٺٽو حميد پنھور، ايم پي اي ريحانا لغاري، ھير سوھو، ارباب وزير ميمڻ،  ڊاڪٽر اقبال ميمڻ پ پ انفارميشن سيڪريٽري سجاول ۽ ٺٽو امتياز قريشي ۽ منظور پليجو سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ٻي طرف شيرازي گروپ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم شفقت شاھ شيرازي چيو ته مقامي قيادت پاران شيرازين ۽ پ پ جي مرڪزي قيادت وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ پيپلز پارٽي پاران ڪوٺايل پروگرامن ۾ اسان کي دعوت ناھي ڏني ويندي، سالگرھ تقريب جي دعوت پڻ نه ڏني وئي ھئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.