ڪئناڊا جي وزيراعظم ٽروڊو پاران استعيفيٰ جو اعلان

اوٽاوا(م ڊ) ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته هو حڪمران لبرل پارٽي طرفان نئون اڳواڻ چونڊجڻ کانپوءِ عهدو ڇڏي  ڏيندو، سندس چوڻ آهي ته پارٽي ۾ اندروني اختلافن کي منهن ڏيڻو پوي ته ايندڙ چونڊن ۾ بهترين چونڊ نه ٿي ٿي سگهي، 53 ورهين جي جسٽن ٽروڊو 2015 ۾ ڪئناڊا جي وزير اعظم جو عهدو سنڀاليو ۽ ان کان پوءِ مسلسل ٻه چونڊون کٽي چڪو آهي، جسٽن ٽروڊو جو چوڻ آهي ته هو پارٽي اڳواڻ ۽ وزير اعظم جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهندو جيستائين ڪو متبادل نه چونڊيو وڃي. جسٽن ٽروڊو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت جي شروعاتي مهينن ۾ ڪئناڊا جو وزيراعظم هوندو، پرڏيهي ميڊيا موجب نئين پارٽي سربراهه جي چونڊ ۾ گراس روٽ ليول تائين ڪيترائي هفتا لڳي سگهن ٿا، اميدوار پنهنجي لاءِ مهم هلائيندا.

  1. شاگردن پيپرن ۾ رڳو گانا لکيا آهن: چيئرمين جي دعويٰ

ڪراچي (م ڊ) انٽر بورڊ ڪراچي جي وقتي چيئرمين شرف علي شاهه فرسٽ ايئر جي شاگردن جي گهٽ مارڪن جا سبب ٻڌائيندي ڪيترائي انڪشاف ڪيا آهن، سندس چوڻ آهي ته ٻن سالن ۾ نصاب  تبديل ٿي ويو آهي، ٻار ڪاليجن ۾ ڪلاس وٺڻ نٿا اچن، شاگردن سائنس جي ڪاپين ۾ رڳو گانا لکيا آهن، سوالن جا جواب معلوم ناهن، شاگرد سمجهن ٿا ته استاد صرف پيپر ڏسي مارڪون ڏيندو، مان سوين ڪاپيون ڏيکاري سگهان ٿو جنهن ۾ شاگردن صرف گانا لکيا آهن، شرف علي شاهه چيو ته سائنس جا پيپر چيڪ ڪرڻ لاءِ استاد گهرن ۾ کڻي نه ويندا آهن، مارڪنگ لاءِ سينٽر ٺاهيا ويندا آهن، جنهن ۾ پروفيسر اچي پيپر چيڪ ڪندا آهن، هن چيو ته مارڪن بابت شاگردن جا خدشا دور ڪنداسين، کين ڪاپيون کولي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيون، گذريل سال به ان حوالي سان گوڙ ٿيو هو پر رڳو اسڪروٽني لاءِ رڳو 62 شاگردن درخواست ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.