پيپرن جي اسڪروٽني فيس ۾ 50 سيڪڙو رعايت جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر) هائير سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ پاران نتيجن جي ڇنڊڇاڻ ڪرائيندڙ شاگردن جي فيس ۾ 50 سيڪڙو رعايت جو اعلان ڪيو ويو آهي، انٽر بورڊ ڪراچي جي چيئرمين سيد شرف علي شاهه جي هدايتن تي شاگردن جي سهولت ۽ انهن تي مالي بار گهٽائڻ لاءِ انٽرميڊيٽ پارٽ پهرين جي نتيجن مان مطمئن نه ٿيندڙ شاگردن جي پيپرن جي جاچ جي فيس ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ان کان اڳ شاگرد ڇنڊڇاڻ لاءِ في پيپر 1000 رپيا فيس جمع ڪرائيندا هئا، جنهن ۾ 500 رپيا في سيڪڙو گهٽ فيس صرف انٽرميڊيٽ پارٽ I جي 2024ع جي سائنس پري ميڊيڪل، انجنيئرنگ، سائنس جنرل، هوم اڪنامڪس، ڪامرس پرائيويٽ ۽ آرٽس جي پرائيويٽ گروپن جي پيپرز جي سالياني امتحانن تي لاڳو ڪئي وئي آهي، اسڪروٽني فارم سومر 3 فيبروري 2025 تائين وصول ڪيا ويندا، شاگرد انٽر بورڊ جي ويب سائيٽ www.biek.edu.pk تان اسڪروٽني فارم ۽ فيس واؤچر ڊائون لوڊ ڪري سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.