حيدرآباد ۾ نوجوان قتل،لاش رکي ڌرڻو

حيدرآباد (رپورٽر) ھٽڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ نور خان چانگ ۾ گذريل رات چانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو جنھن ۾ ڪيل فائرنگ ۾ 18 سالن جو سعود علي چانگ مارجي ويو، ڌرين ۾ جھيڙي سبب  علائقي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جنھن تي پوليس پھچي صورتحال تي ضابطو آڻي مقتول جو لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، بعد ۾ ھٽڙي پوليس مقتول جي ڀاءُ دائود جي فرياد تي چئن ڄڻن اعظم، صاحب، نظام ۽ عمير چانگ خلاف ڪيس داخل ڪري ٻن ڄڻن صاحب ۽ اعظم کي گرفتار ڪري ورتو، مقتول جي وارثن ۽ مائٽن قتل ۾ ملوث وڌيڪ ٻه جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڪالھ صبح جو لاش کڻي بائي پاس تي رکي روڊ بند ڪري ڇڏيو، ڌرڻي ۾ عورتن ۽ ٻارن جو به وڏو انگ شامل ھو،  قومي شاهراهه بند ٿيڻ سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون، ڌرڻي دوران مختلف ٿاڻن جي پوليس پھچي احتجاج ڪندڙن سان روڊ کولڻ لاءِ ڳالھيون ڪيون پر ھنن روڊ کولڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ڊي ايس پي هيڊ ڪواٽر حاجي مسعود، ڊي ايس پي ڇلگري ڪاشف علي قادري ۽ يوسي چيئرمين زوهيب چانگ به ڌرڻي واري ھنڌ پھتا، يوسي چيئرمين ۽ پوليس عملدارن مقتول جي وارثن سان ڳالھيون ڪري مک جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، اهڙي خاطري بعد احتجاج ڪندڙن ڌرڻو ختم ڪيو ۽ مقتول جو لاش تدفين لاءِ کڻائي ويا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.