پ پ حڪومت ۾ آهي، اتحادين ۾ اختلاف ٿيندا رهندا آهن: احسن اقبال

ڪراچي ( رپورٽر ) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان هن وقت اڻ اعلانيل جنگ کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن جو مقصد ملڪ دشمنن پاران ملڪ ۾ا ندروني انتشار ۽ عدم استحڪام جي فضا پيدا ڪرڻ آھي.ڪراچي ۾ صوبائي وزير سيد ناصر شاهه  سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب  ڪندي احسن اقبال چيو ته اڄ ٽيڪنالاجي فائديمند هئڻ سان گڏو گڏ وڏو خطرو پڻ بڻيل آھي، جنھن کي سائبر سيڪيورٽي ڏکيائين سان به منھن ڏيڻو پوي ٿو.هن چيو ته هر ملڪ پنهنجي سائبر اسپيس جي حفاظت ۽ حفاظت لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، پاڪستان دير سان قدم کنيا پر ملڪ جي سلامتي لاءِ قدم کڻڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ھن چيو ته عمران نيازي جون رسيدون ڪوڙيون نڪتيون، وزيراعظم کي سستا تحفا مليا ۽ سندس عملي کي مهانگا تحفا مليا، ائين ڪٿي به ٿي سگهي ٿو؟. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پيپلزپارٽي اسان سان گڏ حڪومت ۾ شريڪ آھي. شازيه مري جي بيان تي احسن اقبال چيو ته اتحادي حڪومت ۾ هلڪا بحث ٿيندا  رھندا آھن، پ پ ۽ (ن) ليگ ملڪ جون ٻه وڏيون سياسي پارٽيون آهن، انھن جا پنهنجا پنهنجا نظريا آهن، پر ٻئي پاڪستان جي سلامتي ۽ مفاد واري مامري تي گڏ آهن. احسن اقبال چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ مڪمل ترقياتي فنڊ جاري ڪندي، جنھن سان صوبائي حڪومت کي ٻوڏ جي تباهي واري ماحول مان نڪرڻ ۾ مدد ملندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.