190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو 13 جنوري تي ٻڌايو ويندو

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد جي احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس جو فيصلو 13 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، عدالتي عملي جو چوڻ آهي ته احتساب عدالت جو جج ناصر جاويد رانا موڪل تي آهي، انڪري 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس جو فيصلو هاڻي 13 جنوري تي ٻڌايو ويندو، نيب پراسيڪيوٽر ۽ پي ٽي آءِ جي وڪيلن کي فيصلي جي نئين تاريخ بابت به آگاهه ڪيو آهي، واضح رهي ته احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 18 ڊسمبر تي محفوظ ڪيو هو، ان کان اڳ ڪيس جو فيصلو 23 ڊسمبر مقرر ڪيو ويو هو پر عدالت فيصلي جي تاريخ 6 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي هئي. ڪيس جي فيصلي جي تاريخ 13 جنوري مقرر ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.