مريم نواز جي عرب حڪمران سان هٿ ملائڻ جي تصوير بحث جو موضوع

اسلام آباد/لاهور (عوامي آواز نيوز) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز کي گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زايد النهيان جي سرڪاري دوري تي ساڻس هٿ ملائڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڪجهه واهپيدارن پاران تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. سوشل ميڊيا واهپيدار مريم نواز جي هٿ ملائڻ واري تصوير شيئر ڪندي تبصرا ڪري رهيا آهن. طارق متين ۽ احمد حسين لکيو ته مريم نواز کي نيب آفيسرن سامهون جاچ لاءِ پيشي تي محرم ۽ نامحرم جا مسئلا ياد ايندا آهن. فاطما نالي واهپيدار وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ مريم نواز اهو چئي رهي هئي ته مان مذهبي گهراڻي مان آهيان، دين سان محبت رت ۾ شامل آهي. ناظم حسين جيڪا وڊيو شيئر ڪئي ان ۾ ڪجهه عرب اووو اووو جا آواز ڪڍي رهيا آهن، گڏوگڏ هن لکيو ته مريم نواز جي تصوير ڏسي عرب ماڻهو احتجاج ڪندي. هوڏانهن پرڏيهي سماجي ڪارڪن ڪويتا ڪرشنن موجب هر هنڌ سماجي برابري ۽ عورتن جي برابري جي حق جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي پر سماج ۾ پکڙيل ذهنيت ان جي ابتڙ نظر اچي ٿي. آمريڪا ۽ ڀارت کانسواءِ پاڪستان ۾ مريم نواز يا وري ان کان  اڳ بينظير ڀٽو کي سندس جنس جي ڪري تنقيد جو نشانو بڻائڻ عام رهيو آهي. جنسي بنيادن تي عورتن کي جاچڻ جي خوفناڪ ذهنيت آهي. اهو رڳو مضبوط آزاد عورتن سان نه پر عام ماڻهن سان به بيچيني کي ظاهر ڪري ٿو جنهن جي جسماني شڪل ۽ شخصيت ناڪاري دقيانوسي تصورن موجب ناهي. صحافي ۽ ولاگر جاويد چوڌري موجب محمد بن زايد النهيان سياري ۾ شڪار لاءِ پيلس اچي ترسندو آهي. مريم نواز جي هٿ ملائڻ واري معاملي کي پي ٽي آءِ جي ٽرولرز پاران اٿاريو پيو وڃي. وزيراعليٰ ساڻس هٿ ملايو ته ان ۾ ڪهڙي قيامت ٽٽي پئي؟ ان کي غير شرعي يا شرعي دائري ۾ ڪيئن آندو پيو وڃي. عمران خان پنهنجي اڳوڻي زال ريحام خان تي ڪو اعتراض نه ڪيو. بشريٰ بي بي پردي ۾ هوندي هئي پر 24 نومبر تي اسلام آباد آئي ته گهٽ پردي ۾ هئي ان تي ڪنهن اعتراض نه ڪيو. اوهان هجو ته سڀ ڪجهه جائز آهي ۽ ڪو ٻيو هجي ته معمولي ڳالهه تي به اعتراض ڪيو وڃي ٿو. ان ۾ ڪو شرعي مسئلو ناهي. ڇو ته پاڪستان لبرل اسلامي ملڪ آهي. صحافي ۽ ولاگر عمر چيما موجب اهو سوال ڪرڻ گهرجي ته اوهان کي اهڙي تصوير ظاهر ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ اوهان کي اهو ڏيکارڻو هو ته شهباز شريف وڏو مقبول آهي پر مريم نواز به ان سان گڏ آهي. مريم نواز نيب جي حوالي سان نامحرم تي اعتراض نه ڪيو هو. اتي اصل ۾ ڪيمرائون لڳل هيون جن تي کيس اعتراض هيو ته مختلف هنڌن تي ڪيمرائون لڳل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.