ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي سڌ سماءُ ۽ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شهيد ڀٽو بابت سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل قرارداد تي جيتري ڳالهه ڪجي سا گهٽ آهي. قائد عوام جيڪو پاڪستان ٺاهيو هو، اهو ڪجهه ٻيو هو. اڄ جيڪڏهن پاڪستان وٽ آئين، قانون ۽ صلاحيت آهي ته اها شهيد ڀٽو جي ڪري آهي. جيڪو ويزن قائد عوام جو هو، ان تائين اسين اڄ تائين نه پهچي سگهيا آهيون. ڪيترين ئي شين ۾ اسين تمام گهڻو پوئتي آهيون، اهي سڀ شيون اسان کي صحيح ڪرڻيون آهن، سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ اڄ به شهيد ڀٽو جهڙي ڪا شخصيت موجود ناهي. پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ شهيد ڀٽو جهڙي ذهين شخصيت جي ضرورت آهي، شهيد ڀٽو جو پاڪستان گولين، انتهاپسندي ۽ ثقافتي بنيادن تي ٽڪراءُ وارو نه هو. هن چيو ته شهيد ڀٽو جي ڏنل ايٽمي پروگرام جي ڪري اڄ ڪو به پاڪستان ڏانهن ڪرڙي نظر سان نه ٿو ڏسي سگهي. هن چيو ته هڪ جماعت جو اڳواڻ چوي ٿو ته مون کي آزاد ڪريو، نه ته پاڪستان کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ٿو، هڪ جماعت اسرائيل جي نوڪر ۽ منصوبي جي پيداوار آهي، جيڪا پاڪستان تي مڙهي وئي. اهي ماڻهو پنهنجن مفادن لاءِ پاڪستان کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن. اهي ماڻهو ليڊر نه آهن، ليڊر ڀٽو خاندان آهي. ليڊر صدر آصف علي زرداري آهي، جنهن هر حال ۾ پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو.