قومي هيرو شهيد اعتزاز کي ڀيٽا، والدين کي حڪومت کان شڪايت

اسلام آباد(م ڊ) قومي هيرو شهيد اعتزاز حسن جي 10هين ورسي ملهائي وئي، اعتزاز حسن 6 جنوري 2014ع تي هنگو ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ابراهيم زئي تي آپگهاتي حملي کي ناڪام بڻائيندي 400 شاگردن جون جانيون بچائي ۽ سوين مائرن جون جهوليون خالي ٿيڻ کان بچايون هيون، ان ڪارنامي تي اعتزاز حسن کي تمغه شجاعت ۽ صدر پاڪستان ايوارڊ سان نوازيو ويو، 10 هين ورسي جي موقعي تي شهيد شاگرد جي گهرڀاتين شڪايت ڪئي آهي ته حڪومت پاران اعتزاز حسن جي بي مثال بهادري کي  مڃتا ڏيڻ لاءِ ڪيل واعدا اڃا تائين پورا نه ٿيا آهن، اعتزاز جي والد مجاهد علي چيو ته شهيد اعتزاز حسن رڳو اسان جو نه پر قوم جو ٻار هو، هن جيڪا قرباني ڏني اها پاڪستان يا دنيا لاءِ ڪنهن کان ڳجهي ناهي پر بدقسمتي سان حڪومت اسان سان جيڪي به واعدا ڪيا آهن انهن مان هڪ به هن وقت تائين پورو ناهي ڪيو ويو، اعتزاز جي ڪلاس ميٽ ياسر حسين چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته حڪومت اعتزاز حسن جي ورسي ملهائي ۽ اسان ۽ شهيد جي خاندان سان ڪيل واعدا پورا ڪري، ٻي پاسي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته شهيد اعتزاز حسن جي غير معمولي جرئت اسان لاءِ اميد جي ڪرن آهي، 15 سالن جي عمر ۾ بي مثال بهادري جو مظاهرو  ڪري پنهنجي اسڪول ۽ ساٿين کي بچائيندي پنهنجي جان قربان ڪئي، بي لوث عزم اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته جرئت ۽ بهادري جو عمل ڪيترين ئي زندگين کي بچائي سگهي ٿو، اعتزاز جي ميراث ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.