ميرپورماٿيلو( رپورٽ:پريم راٺوڙ) ميرپور ماٿيلو جي ررڏي صحافي شھيد نصر الله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي ڪورٽ ميرپور ماٿيلو ۾ ٿي گذري پوليس پاران جوابدار اصغر لنڊ کي پيش ڪيو ويو ۽ پڪي ضمانت لاءِ ايم اين اي خالد احمد خان لنڊ جو منشي عبدالله لنڊ پيش ٿيو ۽ فريادي يعقوب گڏاڻي پڻ عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا وڪيل نه پهتا عدالت ٻڌڻي 21 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ان موقعي تي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شھيد صحافي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيل آهي اميد آھي عدالت مان انصاف ملندو .