لاڙڪاڻو پوليس سيالن جي ڪمداري پئي ڪري:معظم عباسي

لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻي ايم پي اي معظم عباسي ۽ سندس پٽ سميت ٻين مٿان ڪيس داخل ڪرڻ وارو معاملو. جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي لاڙڪاڻو معظم علي عباسي ضمانت لاءِ جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو، جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو  ۽ بئريسٽر ڪاظم علي عباسي سان گڏجي عدالت پهتو عدالت معظم عباسي جي 50 هزار روپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي. ان موقعي تي جي ڊي اڳواڻ معظم علي عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان اڳ به قانون کي منهن ڏنو ۽ هاڻي به منهن ڏئي سرخرو ٿينداسين، 5 ڏينهن اڳ ڪوڙي ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار عبدالاحد مگسي جي پيءُ کي کڻي دٻاءُ وڌو ويو حالانڪه عبدالاحد رضاڪاراڻه طور پاڻ پيش ٿيو پر هن مهل تائين لاڙڪاڻو پوليس ايڏي ڪمداري پئي ڪري، 5 ڏينهن کان ڇوڪرو گم آهي، پوليس جو اهڙو رويو شايد ڌاڙيلن سان به ناهي جيڪو رويو سنڌ جي پوليس هڪ نوجوان سان اختيار ڪيو آهي. هن چيو ته مان ميڊيا جي ذريعي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي جسٽس، آءِ جي سنڌ، وزيراعليٰ سنڌ سميت وس وارن کي اپيل ڪندس ته پوليس عبدالاحد کي قانون موجب پيش ڪري ۽ رمانڊ ٿئي ۽ رمانڊ ۾ صورتحال ڪليئر ٿي ويندي. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ته سنڌ گذريل 17 سالن کان لاقانونيت ۽ پوليس گردي جو شڪار آهي جتي سياسي مخالفن لاءِ زمين تنگ ڪري ڪوڙيون ايف آءِ آرون ڪٽيون وڃن ٿيون، پوليس سنڌ ۾ ڌاڙيلن، منشيات فروشي جو خاتمو نه ٿي ڪري، سنڌ حڪومت ماڻهن جي بنيادي حق، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪم نه ٿي ڪري، سنڌ جي حقيقي اپوزيشن خلاف ڪوڙيون ايف آءِ آرون داخل ڪيون ويون آهن، اسان عدالتن کان مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌ ۾ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي، لاقانونيت، پوليس اسٽيٽ بڻيل سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني بحال ڪئي وڃي، هن چيو ته پيپلز پارٽي وارا سنڌ جو پاڻي پيا کسن ۽ ڪئنالن تي ڌاڙو پئي هڻائي زمين پيرن هيٺيان کسائي، هڪ طرف ڪرپشن انڊسٽري ۽ ٻئي پاسي ڌاڙيل انڊسٽري آهي اسان جي پرامن جدوجهد جاري رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.