توشا خانا ٽو ڪيس تحقيق طلب قرار، عمران کان سوال ئي نه پڇيو ويو: عدالت

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي توشا خانا ٽو ڪيس ۾ ضمانت منظوري بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سببن تي ٻڌل 14 صفحن جو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي توشا خانا ٽو ڪيس کي وڌيڪ  انڪوائري جو ڪيس قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ فيصلي ۾ لکيو ته بلغاري سيٽ جو تحفو توشا خانا ۾ جمع نه ڪرائڻ تي ڪارروائي ٺهي ئي نٿي، رولز موجب، تحفي جي رسيد جمع نه ڪرائڻ تي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته تحفو جمع نه ڪرائڻ تي ڪارروائي ٿي ئي نٿي سگهي تنهنڪري هي وڌيڪ انڪوائري جو ڪيس آهي، 2018ع جي توشا خانا رولز موجب تحفو نه پر رسيد جمع ڪرائڻ لازمي هو، ان ڳالهه کان انڪار ناهي ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ باني ڊپٽي ملٽري سيڪريٽري ذريعي رسيد توشا خانا ۾ جمع ڪرائي، سراسري طور تحفو جمع نه ڪرائڻ تي ڪارروائي شروع نٿي ڪري سگهجي، پراسڪيوٽر زور ڏنو ته پي ٽي آءِ باني توشا خانا ون ۾ به سزا يافته آهي انڪري ضمانت جو حقدار ناهي، عمران خان جي توشا خانا ون ڪيس ۾ سزا نيب پراسيڪيوٽر جي اعتراض نه ڪرڻ تي معطل ٿي چڪي آهي، عدالت فيصلي ۾ لکيو ته نيب پراسيڪيوٽر توشا خانا ون ڪيس بي ظابطگين سبب سزا ڪالعدم ڪري رمانڊ بيڪ ڪرڻ جي پڻ استدعا ڪري چڪو، ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر تحفي جي گهٽ قيمت لڳائڻ ۾ پي ٽي آءِ باني جي اثرانداز ٿيڻ واري پهلوءَ تي زور ڏنو، ايف آءِ اي جو اهو ڪيس ناهي ته پي ٽي آءِ باني يا سندس گهرواري سڌي ريت ڌمڪي ڏني يا دٻاءُ وڌو، عدالتي فيصلي موجب، پي ٽي آءِ باني جي عمر 72 ورهيه آهي ۽ ان ڪيس ۾ چئن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين گرفتار آهي، ڪيس ايف آءِ اي کي منتقل ٿيڻ بعد جاچ آفيسر پي ٽي آءِ باني کان سوال ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، پي ٽي آءِ باني ضمانت جي رعايت جو غلط استعمال نه ڪري ۽ هر ٻڌڻي تي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿئي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني ضمانت جو غلط استعمال ڪري ته پراسيڪيوشن ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري سگهي ٿي، ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي توشاخانا ٽو ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، توشاخانا ٽو ڪيس ۾ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي نامزد آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.