ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث سمورن ڪردارن کي سزا ڏني وڃي:ساڃاهه وند

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) آمريڪا ۾ رھندڙ سنڌين جي   تنظيم سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) انساني حقن جي تنظيمن  جي اڳواڻن  ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، طاهره عبدالله جامي چانڊيو، امر سنڌو ۽ ٻين ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ مذهبي انتها پسندي وڌي رهي آهي ۽ اظهار راءِ جي آزادي آڏو رنڊڪون لڳايون پيون وڃن جيڪو عمل انتهائي خطرناڪ آهي سنڌ ۾ پاڻي، معاشي ۽ ٻيا به گهڻائي مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ ضروري آهي پر هن وقت سڀني کان وڌيڪ اهم مسئلو انتها پسندي آهي جنهن کي  جيترو جلد روڪي سگهجي اوترو بھتر  آهي اسين گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ جي رهيا آهيون،هنن چيو ته اسين عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ڪٽنب سان ملي واپس آيا آهيون اتي به ٻوسٽ  ۽ خوف وارو ماحول آهي هنن چيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر گناهه ڪيو هو ته کيس گرفتار ڪري ملڪ جي قانون تحت سزا ڏني وڃي ها پر ڪجھه انتها پسندن پوري سنڌ جو ماحول خراب ڪيو انهن کي به قانون موجب لازمي سزا ملڻ گهرجي نه ته انتهاپسندي گهٽجڻ بدران ويتر وڌندي هنن چيو ته سنڌ هميشه مذهبي رواداري ۽ صوفين جي زمين رهي آهي هتي انتھا پسندي لاءِ ڪا جڳهه نا هي انتهاپسندي کي روڪڻ ضروري آهي هنن چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل جي ذميوار حڪومت آهي ۽ اڄ به حڪومت انهي تي  ڌيان نه ڏئي رهي آهي حڪومت پاران ڪيل جاچ ۾ واضح ٿي چڪو آهي ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو قتل جڙتو مقابلو ۽ عدالت کان مٿاهون قتل هو ان باجود اڳوڻي ڊي آئي جي ۽ ٻن ايس ايس پيز کي ھن وقت تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي ۽ هو هن وقت تائين سرڪاري مراعتون کڻي رهيا آهن جڏهن ته اعلانيل عدالتي جاچ به نه ڪرائي پئي وڃي هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث سمورن  ڪردارن کي سزا ڏني وڃي.

، اڳوڻي ڊي آئي جي ۽ ٻن ايس  ايس  پيز جون سرڪاري مراعتون ختم ڪري کين گرفتار ڪري وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.