بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان ۽ سندس گهرواري گوري خان جو ڳاڻيٽو انڊسٽريءَ جي سڀ کان مقبول ۽ پسنديده جوڙن ۾ ٿئي ٿو.
1991ع ۾ شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ کانپوءِ سندن رشتو محبت، هڪٻئي لاءِ احترام۽ ذهني هم آهنگي جي بنياد تي قائم آهي.
هتي اِها ڳالهه پڻ ذڪر جوڳي آهي ته ٻئي ٻن مختلف مذهبن سان تعلق رکن ٿا، شاهه رخ مسلمان جڏهن ته گوري هندو آهي.
مختلف مذهبن سان تعلق هئڻ باوجود ٻنهي جي رشتي يا ذاتي زندگيءَ ۾ مذهت ڪڏهن به اثرانداز ناهي ٿيو.
شاهه رخ ۽ گوري پنهنجي ٻارن، آريان خان ۽ سهانا خان کي ٻنهي مذهبن جي تعليم ۽ روايتون سيکاريون آهن، پر هاڻي سوشل ميڊيا تي گوري خان، شاهه رخ ۽ سندن پٽ آريان جي هڪ اهڙي تصوير وائرل ٿي رهي آهي جنهن نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.
سوشل ميڊيا تي تڪرار ان وقت شروع ٿيو جڏهن ڪجهه تصويرون منظرِعام تي آيون جن ۾ شاهه رخ خان ۽ گوري خان کي مڪي شريف ۾ ڪعبي جي آڏو نظر آيا، تصويرن ۾ آريان خان به موجود هو.
تصويرون سامهون اچڻ کانپوءِ ڪجهه واهپيدارن دعويٰ ڪئي ته شاهه رخ خان گوري کي اسلام قبولڻ تي مجبور ڪيو آهي ۽ هاڻي هوءَ مسلمان ٿي چڪي آهي.
تصويرون وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ٻڙڌڪ مچي ويو آهي ڪجهه واهپيدار تصويرن کي سچ سمجهي گوريءَ جي اسلام قبولڻ تي سخت تنقيد ڪئي.
پر ڪجهه ڪجهه واهپيدارن تصوير جي حقيقت کي سمجهندي ان کي اي آءِ ( هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ) ذريعي تيار ڪيل ” فيڪ تصوير “ قرار ڏنو، جيڪو سچ آهي.
Next Post
You might also like