ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات ۽ ڀارتي سپر اسٽار سنجي دت جي تصوير سوشل ميڊيا تي ڇانئجي وئي.
مهوش حيات اها تصوير پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي، جنهن پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن جي مداحن جو ڌيان حاصل ڪري ورتو.
مهوش ۽ سنجي جي تصوير ڏسي شوقينن امڪاني طور اڳڪٿيون ڪيون آهن ته ٻئي ڪنهن پراجيڪٽ ۾ گڏ ڪم ڪندا پر ان حوالي سان باضابطا طور ڪا تصديق ناهي ڪئي وئي.
واضح رهي ته ان کان اڳ ڀارتي اداڪارا ڪريتي سينن ۽ پاڪستاني اداڪارا عروا حسين دبئي ۾ نئين سال جو جشن ملهائيندي تصويرون شيئر ڪيون هيون.
Prev Post
You might also like