”جسٽن ٽروڊو وزيراعظم جي ڪُرسي ڇڏي ڏيندو“

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جلد پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو.
ڪئناڊا جي اخبار”دي گلوب اينڊ ميل“ جي رپورٽ ۾ جسٽن ٽروڊو جي استعيفيٰ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، پر اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو.
رپورٽ موجب، ٽروڊو اربع جي ڏينهن ڪاڪس ميٽنگ کان اڳ استعيفيٰ جو اعلان ڪري سگهي ٿو، پر اهو واضح ناهي ته هو پارٽي ليڊرشپ تان يا وزيراعظم طور عهدي تان استعيفيٰ ڏيندو.
واضح رهي ته ٽروڊو 9 سالن کان ڪئناڊا جي حڪمران لبرل پارٽي جي اڳواڻ آهي، پر هاڻي هو پارٽي اندر به سخت دٻاءُ کي منهن ڏئي رهيو آهي.
ڪئناڊا ۾ هلندڙ سال آڪٽوبر جي آخر تائين چونڊون به شيڊيول آهن ۽ تازو آيل سروي پولز ۾ لبرل پارٽي جي مقبوليت ۾ گهٽتائي آئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.