ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا سنيل گواسڪر کي انعامي تقريب نه سڏائڻ جي غلطي تسليم ڪري ورتي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز کي بارڊر گواسڪر ٽرافي ڏيڻ لاءِ سنيل گواسڪر کي نه سڏايو ويو هو، پيٽ ڪمنز کي ٽرافي اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان ايلن بارڊر جي هٿان ڏياري وئي هئي.
سنيل گواسڪر کي سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ موجود هئڻ باوجود کيس نه سڏائڻ تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي ۽ هاني ڪرڪيٽ آسٽريليا پنهنجي غلطي مڃي ورتي آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، ڪرڪيٽ بورڊ اڳ ئي فيصلو ڪري چڪو هو ته جيڪڏهن آسٽريليا کٽيندو ته ايلن بارڊر فاتح ڪپتان کي ٽرافي ڏيندو، ڀارت کٽيو ته سنيل گواسڪر جي هٿان ٽرافي ڏياري ويندي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ترجمان چيو ته هو تسليم ٿا ڪن ته جيڪڏهن ايلن بارڊر ۽ سنيل گواسڪر کي اسٽيج تي موجود هجن ها ته اِهو وڌيڪ بهتر هجي ها، سنيل گواسڪر به اسٽيج تي پاڻ کي نه سڏائڻ وارو رويو محسوس ڪيو.
واضح رهي ته سنيل گواسڪر چيو هو ته ٽرافي ڏيڻ واري تقريب هو به موجود هجي ها ته کيس خوشي ٿئي ها.
Prev Post
You might also like