ڪُرم ضلعي لاءِ امدادي سامان جو پهريون قافلو اڄ روانو ٿيندو

ڪُرم (ويب ڊيسڪ) ڪُرم ضلعي لاءِ امدادي سامان جو پهريون قافلو اڄ ٻيهر ٽل کان روانو ٿيندو،
پوليس جو چوڻ آهي ته 80 کان وڌيڪ ٽرڪن تي ٻڌل قافلو گذرڻ وقت مک روڊن تي ڪرفيو لاڳو ڪيو ويندو.
دوائن، سبزين، اٽي، ۽ ٻين شين سان ڀريل ٽرڪون ٽن ڏينهن کان ٽل ۾ بيٺل آهن، امدادي سامان جو قافلو 4 جنوري تي ڪرم لاءِ روانو ٿيڻو هو پر بگن ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي گاڏي تي فائرنگ کانپوءِ قافلو روانو نه ٿي سگھيو هو.
ڪرم ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله محسود جي جاءِ تي اشفاق خان کي ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي.
خيال رهي ته 4 جنوري تي لوئر ڪرم جي علائقي بگن ۾ اڻڄاتل شرپسندن جي فائرنگ ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪرم سميت 7 ڄڻا زخمي ٿيا هئا جنهن کانپوءِ ڪرم لاءِ ٽن مهينن کانپوءِ کاڌي پيتي جو سامان کڻي ويندڙ قافلي کي روڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.