نيو يارڪ (علي وارثي) نامياري ڪيميادان ۽ دانشور پرويز هودڀائي چيو آهي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سوچ ۾ ڪو فرق ناهي. عمران خان کي فوج کان ڪا شڪايت نه هئي ته سندن وڏا وڏا ڪاروبار آهن، هن ڪڏهن ان تي ڪجهه نه چيو. جيڪو مذهبي جنون عمران خان ڀڙڪايو، اهو ائين ئي آهي جيئن فوج چاهيو ۽ هاڻي شهباز شريف به اهو ئي چاهي ٿو. ذاڪر نائڪ جهڙن ماڻهن کي گهرايو پيو وڃي ۽ قومي نصاب کي عملي جامو هن حڪومت پارايو آهي. ڇا عمران خان کي اينٽي اسٽيبلشمينٽ چونداسين؟ طالبان کي ڪڏهن عمران خان خراب ناهي چيو، سوات ۾ قتل عام تي عمران خان ٽي ٽي پي سان گڏ هو. ٽي ٽي پي جيڪا هن ملڪ جي جاني دشمن آهي دعوت ڏنائين ته اچو اسان جي شهر ۾ پنهنجا دفتر کوليو. جڏهن طالبان جي فتح ٿي ته هنن چيو ته غلامي جون زنجيرون ٽٽي ويون آهن. عمران خان کي طالبان خان چوندا آهن جيڪو درست چوندا آهن. جيڪڏهن عمران خان اچي ويو ته وري ائين ئي ٿيندو، طالبان جو دور اچي ويندو پر عمران خان جي هوش ۾ اچڻ جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي. اهو مڃڻو پوندو ته ملڪ تي ٻين صوبن جو ڪو اثر ناهي، پنجاب سڄي پاڪستان تي حڪمراني ڪري رهيو آهي. پنجاب تي ڪير حڪومت ڪري ٿو، اها ان جي اسٽيبلشمينٽ آهي. اسٽيبلشمينٽ ۾ فوج ۽ سياستدان به آهن. اسٽيبلشمينٽ ۾ ڏار پئجي ويا آهن، ڇو ته عمران خان ڏاڍو مقبول آهي ۽ ملڪي معيشت ٻڏي رهي آهي، ان تي سوال اٿي رهيا آهن. ان ۾ عمران خان جو ڪردار آهي. ان جي ڪري فوج ان کي خطرناڪ سمجهيو. 9 مئي جهڙي بغاوت کان فوج ڊنل آهي. ملڪن جو بنيادي نظريو ترقي ۽ خوشحالي هجڻ گهرجي، ٻيو ڪو نظريو نه هجڻ گهرجي، چين، بنگلاديش جو به ڪو نظريو ناهي. جيڪو فوج جو مقصد آهي اهو عمران خان جو مقصد آهي، ٻنهي جي نظرين ۾ ڪو فرق ناهي. ڪي 10 سيڪڙو نوجوان اهڙا آهن جن جي سوچ اڳتي وڌي رهي آهي جيڪي اميد جو ڪرڻو آهن. اهڙي ريت ٽرمپ جو تاثر ختم ٿي ويندو ڇو ته اتي ماڻهو پڙهيا لکيا آهن، اتي مزاحمت ٿيندي.